پاڪستان جي سالٽ رينج جو هڪ ڏيک

پاڪستان جي سالٽ رينج جو هڪ ڏيک

سالٽ رينج

سالٽ رينج: ارضيات (geology) ۽ پيلينٽيالاجي (ٻوٽن ۽ جانورن جي پنڊ پهڻن) جو هڪ اهڙو بي مثال ۽ سڄيءَ دنيا ۾ شاندار پراچين ماڳ جيڪو اتر پنجاب ۾ سنڌو ۽ جهلم درياهن جي وچ ۾، ٽڪرين ۽ ننڍن جبلن جي هڪ اهڙي سلسلي جي صورت ۾ موجود آهي، جتي دنيا جون وڌ ۾ وڌ مالامال لوڻ کاڻيون موجود آهن. ان علائقي کي سالٽ رينج (Salt Range) سڏجي ٿو. اهو ماڳ پريڪيمبرين (4500 کان 5300 ملين سال واري (precambrian) دور سان واسطو رکي ٿو. ٿولهه ۾ 1600 فوٽن کان به سرس آهي.
هيءَ سالٽ رينج اوڀر کان اولهه ۾ اٽڪل 300 ڪ. م ڊگهي ته وچ ۽ اڀرندڙن حصن ۾ 8 کان 31 ڪ. م ويڪري آهي. هن ماڳ جي سراسري اوچائي 2200 فوٽ ۽ سڀ کان مٿاهون هنڌ ساڪيسر
(Sakesar) جبل آهي، جيڪو 4992 فوٽ بلند آهي. سالٽ رينج ۾ لوڻ جي ذخيرن کانسواءِ جيڪو قديم زمانن کان وٺي کوٽيو ويندو رهيو آهي، منجهس ڪوئلي ۽ جپسم سميت ٻي به ڪيتري ئي معدنيات موجود آهي.
هن علائقي جي زمين هيٺانهن جبلن جي ڏيک ڏئي ٿي، جنهن جو مٿيون تهه کاڌ سبب ختم ٿي ويو آهي. راولپنڊيءَ جي ڏکڻ اولهه ۾ ڏاکڻو هيٺ مٿاهون حصو پوٺوهار پوٺو (Potwar Plateau) جوڙي ٿو، جنهن جي ٻن بيڊولن ڊگهن اڀارن کي هڪ ڊگهي ماٿري الڳ ڪري ٿي. ان جي اترئين اڀار جي سراسري اوچائي 2300 فوٽن کان 2600 فوٽن تائين ۽ ڏاکڻا اڀار گهڻا لهوارا آهن. الهندي ۽ اڀرندي ۾ هيءَ رينج الڳ الڳ جابلو سلسلو جوڙي ٿي. ساڪيسر جي الهندي وارو سلسلو اتر اولهه ۾ هيٺ مٿاهون ٿي هيٺاهين سڌي رينج جوڙي ٿو. ڪالاباغ وٽ سنڌو درياهه اهڙين رينجن کي چيريندو، انهن ٽڪرين مان گجندو وهندو وڃي ٿو. هن سالٽ رينج جون چوٽيون وريل ٽاڪريون ۽ پوٺي جهڙيون آهن. الـهنـدي ۾ سـاڪيـسـر بلـند تريـن چـوٽيون آهن ۽ اوڀر ۾ جابلو جهڳٽــو (Massif) چيل (Chel) 3700 فوٽن جي بلندي تي آهي. جڏهن ته اترين لهواري هنڌ تي اونهين ٻَنڌُن (Ravines) جو هڪ سرشتو به وجود ۾ آيو آهي.
سالٽ رينج جي آبهوا، اونهاري ۾ گهڻي گرم، سياري ۾ سرد ۽ گهٽ مينهن وسائيندڙ ۽ خشڪ آهي، جيڪا گرم ترين ٿي وڃي ٿي. سال جي سڀني مندن ۾ گرم هوا گهلندي رهي ٿي سواءِ سياري جي سرد مهينن جي، جڏهن قطبن جي ٿڌي هوا وڏي دٻاءَ (طوفانن) سان لڳي ٿي، تڏهن موسم ٿڌي ۽ گهميل رهي ٿي. اونهاري جو وسڪارو خط استوائي، گهميل ڏکڻ الهندي (انڊين) جي چوماسي سان لاڳاپيل، الهندي پنجاب جي سرحدن تائين اچي توڙ ڪري ۽ ججهو وسڪارو ڪري ٿو. هتي ناقص زمين ۽ آبپاشيءَ جي پاڻي نه هجڻ سبب زراعت محدود ٿئي ٿي. لهوارن هنڌن جي ننڍن ٽڪرن ۽ ڊگهين ماٿرين جي هيٺ مٿاهين کي سڌو ڪري ڍنڍن ۽ چشمن جو پاڻي آبپاشيءَ طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.
سالٽ رينج جي نباتات ۾ آفريڪي، عربي ۽ ميڊيٽيرين عنــصر (Elements) موجود آهن. قدرتي ساوڪ جي ناس ٿيڻ کان اڳ ڏاکڻو حصو زيرو فائيٽ جي سنهن ٻيلن سان ڍڪيل ۽ اترئين حصي ۾ مکيه طور گاهير پٽ (Savannas) هوندا هئا. هن وقت ڏکڻ اوڀر ۾ هڪ ڇڊو ٻيلو موجود آهي، جنهن ۾ ٻٻر (Acacia)، ديال (Pine)، جهنگلـي زيـتـون (Wild Olive) ۽ ٻين قسمن جا وڻ ٿين ٿا، جڏهن تــه ڍوڍڪ (Spurse) ۽ ڪانڊيري (Camel Thorn) سميت سنها ۽ ڇڊا جهنگ (Scrubs ۽ Brushwood) ٿين ٿا. سالـٽ ريــنـج جـي ڏاکـڻـي لـهواري حصي کـيــوڙا (Khevra)، وارڇا (Warchha) ۽ ڪالاباغ (Kalabagh) ۾ پاڪستان جـي جـابلو لوڻ جا وڏي ۾ وڏا ذخيرا موجود آهن، جڏهن ته ڊنڊوٽ
(Dandot)، پِڌ (Pidh) ۽ مـڪڙوال خيلجـي (Makarwal Khelji) ۾ ڪوئلي جا ڀنـڊار موجود آهـن. سـالــٽ رينج جي الهندي حصي ۾ چُن جي پٿر (Limestone) ۽ وارياسي پٿر (Sandstone) جي ذخيري سان گڏ پيٽروليم به موجود آهي. اڀرندي حصي ۾ جتي لوڻ کاڻيون موجود آهن. بٽومينس شيل (Bituminous shales) ۽ ڊولومائيٽ (Dolomite) به لڀي ٿو ته باڪسائيٽ (Bauxite) جا به ڪيترائي تهه آهن. سٺي معيار جو جپسم ۽ ائنهائيڊريٽ (Anhydrate) جيڪو چن جي هڪ اهم معدنيات آهي، جلال پور ويجهو لڀي ٿو. اقتصادي لحاظ کان لوڻ ۽ ڪوئلي جي کاڻين سميت چن جون کاڻيون وڏي اهميت واريون آهن. سالٽ رينج سان جيڪڏهن ڪا آبادي لاڳاپيل آهي ته اها جهلم شهر جي آهي. جڏهن ته سالٽ رينج جي آسپاس جا ڪيترا ڳوٺاڻا لوڻ ۽ پٿر جي کاڻين ۾ ڪم ڪن ٿا.
هن علائقي ۾ مختلف قـبيلن جـا مـاڻهو رهن ٿا ۽ گهڻي ڀاڱي لکاردا (Lakharda) ٻولي ڳالهائين ٿا. هنن وادين ۾ ٿوري گهڻي زراعت ٿئي ٿي ته ٽاڪرو سڌن ٽڪرن تي مال به پاليو وڃي ٿو. هتان جي ماڻهن جو مکيه روزگار لوڻ کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ آهي.
سالٽ رينج، هزارين سال اوائلي ثقافت ۽ قديم آثارن جي حوالي سان وڏي شهرت ۽ اهميت رکي ٿو، جنهن جو اندازو تاريخ جي آڳاٽي وقت جي جانورن جي باقيات مان لڳائي سگهجي ٿو. جيڪي ڪيترن پراڻن هنڌن تي ٽڙيل پکڙيل آهن، جن جي ماهر عمر هزارين سال آڳاٽي بلوچستان جي مهرڳڙهه مان لڌل هڏن جيتري ٻڌائين ٿا. قديم آثارن جي کاتي مطابق سالٽ رينج مان لڌل مورتين جي تاريخ 6 کان 7 صديون پراڻي آهي. هي ماڳ مندرن سان به ڀريل آهي، جن ۾ سڀني کان وڌيڪ مشهور مندر، ڪتاس راج (Katas Raj) چڪوال کان 25 ڪلوميٽرن جي پنڌ تـي واقع آهي. هن مندر سان هـندن جـون ڪيتريون پـوتـر ڳالهيون شِوَ (Shiva) سان لاڳاپيل آهن.
هن مندر جي ياترا ڪرڻ لاءِ هر سال ڪيترا هندو ڀارت کان به اچن ٿا ۽ ڪتاس راج جي چوڌاري ٺهيل پوتر حوض ۾ سنان ڪن ٿا. هتي ٻه اهڙا مندر آهن، جيڪي خسته حالت ۾ آهن، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي هندو شاهي دور (Hindushahiya, 650-950 AD) سان واسطو رکندڙ آهن. مندرن تي تمام سهڻي چٽسالي ٿيل آهي، جنهنڪري عمارتسازيءَ جي حوالي سان بهترين سمجهيا وڃن ٿا.
سالٽ رينج مان تاريخ جي اڳ واري دؤر جون به ڪيتريون ڪارائتيون شيون لڌيون آهن. اتان ملندڙ پنڊ پهڻن بابت ڪن ماهرن جو ويچار آهي ته اهي 6000 کان 7000 ق. م جا چيا وڃن ٿا. آڳاٽــي دؤر جي هـاٿـانـگ (Mamnoth) ۽ ڊائنو سارس (Dinosaurs) جهڙن جانورن جي ٽنگن ۽ ڪرنگهن سان مشابهت رکندڙ هڏا به ڪن ماڳن مان جهجهي انگ ۾ مليا آهن.
سالٽ رينج ۾ هيٺاهن جبلن جي هڪ اهڙي سڄي رينج به موجود آهي، جيڪا مڪمل طور پنڊ پهڻ ٿيل محسوس ٿئي ٿي جنهن کي ڏسڻ سـان مختلف قسم جي ڪيترن جانورن ۽ ٻوٽن جـا تهن مٿان تـهه نظر اچن ٿا.
هتان تاريخ کان آڳاٽي دؤر جا هٿيار، جهڙوڪ: گرينائيٽ جون ٺهيل ڪهاڙيون ۽ ڪپ، ٺڪر جا ڪنگڻ ۽ ٿانوَ به لڌا ويا آهن. ٿانوَ، هڙپا مان لڌل ٿانوَن سان مشابهت رکندڙ آهن، جن جي ماهر اڃا تائين عمر ڪٿي نه سگهيا آهن. آثار قديمه جي لحاظ کان سالٽ رينج ۾ اڃا تائين وسيع خزانا دفن ٿيل آهن.


لفظ سالٽ رينجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو